شاعر ڪتاب

شاعر (ڪتاب): هيءُ نامور ڪهاڻيڪار آسانند مامتورا جو ناول آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نامور اديب لالچند امرڏني مل لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ڇهه باب آهن. هن ناول بابت لالچند لکي ٿو ته، “هن ناول جو هيرو چندر هڪ اهو سڀاڳو انسان آهي، جو اڪيلو ئي اڪيلو تن ۽ من جي اگهور سنڪٽ مان لنگهيو آهي ۽ جنهن جي ليلان ۽ سودامنيءَ هڪ روپ ٿي سموري غير کي ٻاهر هڪالي کيس هن لائق ڪيو آهي... هي ناول منهنجي سعادتمند شاگرد ۽ ڪنهن وقت عزيز همڪار، آسانند مامتورا جو رچيل هي ناول انهن ٿورڙن ناولن مان آهي، جي اصليت جي رکي سگهن ٿا.” هن ڪتاب جي مهڙ ۾ ڀلنامو ڏنل آهي. 162 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جو هيءُ ڪتاب 1941ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو